رقعات ماني نگار (قلمي)

رقعات ماني نگار (قلمي)

رقعات ماني نگار قلمي

رقعات ماني نگار (قلمي): هي قلمي نسخو سلطاني مل خبرت جو تصنيف ڪيل آهي، جيڪو انشاءِ پردازي جي فن جي سکيا بابت لکيل آهي. ڪتاب جي شروع ۾ مقدمي کانپوءِ 40 خط ۽ آخر ۾ هڪ تفصيلي باب خط لکڻ جي فن تي آهي. ڪتاب جي شروعات هيئن ٿئي ٿي:
”بعد از حمد و ثناي بي ريا انشاءِ پرداز
کائنات راسزد که عبارات رنگين
صور عجيب رقم...“
۽ اختتام هيئن ٿو ٿئي:
”... تمت تمام شدکار من نظام شد
ششم ماهه جماد الثاني 1144هه..“
29 صفحن تي مشتمل هي قلمي نسخو خط شڪسته ۾ ڪتابت ٿيل آهي، اڌ ڪتاب ڪشنداس جو ۽ اڌ ڪتاب مانون جو ڪتابت ٿيل آهي. هي قلمي نسخو سنڌي ادبي بورڊ جي قلمي نسخن ۾ محفوظ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو